ملڪي خبرون
برطانوي پوليس آفيسر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اي ٽي سي ڪورٽ پھتو
اسلام آباد: ايم ڪيو ايم اڳواڻ عمران فارو قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، برطانوي پوليس جي جاچ آفيسر ڪيس ۾ ٿيل جاچ ۽ جوابدار جو رڪارڊ اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪندي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ عمران فاروق قتل ڪيس تي بڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس سان واسطو رکندڙ 3 شاهدن سان گڏ جوابدارن خالد شميم، محسن ۽ معظم علي پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران برطانوي پوليس جي چيف انويسٽيگيشن آفيسر اسٽيورٽ گرين وي بيان رڪارڊ ڪرايو ۽ ٻڌايو ته عمران فاروق قتل ڪيس جي جاچ جو نالو ”آپريشن هيسٽار“ رکيو آهي. عدالت آڏو برطانوي پوليس جي چيف جاچ آفيسر رڪارڊ پيش ڪيو، جڏهن ته جوابدار محسن علي جو ڪاليج ۾ حاضري ۽ تعليمي رڪارڊ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻيءَ دوران جوابدارن محسن علي جي برطانيا پهچڻ جي حوالي سان دستاويز توڙي اي ميلز به عدالت ۾ پيش ڪيون ويون.
8 دفعا ڏٺل