نمايان خبرون
جسقم پاران ڪارڪنن جي گرفتاريءَ خلاف قاضي احمد ۾ مظاھرو
قاضي احمد: جيئي سنڌ قومي محاذ (ب) نواب شاھ ۾ قومي ڪارڪنن جي گرفتاري ء ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف جسقم قاضي احمد پاران پريس ڪلب آڏو سٽي صدر پير نعيم اسلم سوڍر اعجاز خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ موجود ڪارڪنن قومي ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ ء گرفتاري خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي اڳواڻن صحافين آڏو داهيندي چيو ته ڪالھ نوابشاھ شهر ۾ جسقم ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ء انتظاميان کان مطالبو ٿا ڪريون ته جسقم اڳواڻن ء ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
15 دفعا ڏٺل