ٽاپ نيوز
قائم علي شاهه جي 5 لک عيوض عارضي ضمانت منظور
اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي عراضي ضمانت منظوري ورتي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن ڪياني تي ٻڌل بئنچ قائم علي شاهه جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران اڳوڻي وڏي وزير جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته قائم علي شاهه رڳو روشن سنڌ منصوبي جي حوالي سان سمري منظور ڪئي هئي، هن وڏي وزير جي حيثيت سان ڪنهن به قسم جون بي ضابطگيون نه ڪيون آهن. عدالت درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي قائم علي شاهه جي 9 ڊسمبر تائين عارضي ضمانت منظور ڪندي کيس پنج لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.
9 دفعا ڏٺل