ٽاپ نيوز
وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري لاءِ نالا تجويز ڪري ڇڏيا
اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ نالا تجويز ڪري ڇڏيا آهن. اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ وزيراعظم عمران خان سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خطن جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. خط جي ڪاپي سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي موڪلي وئي آهي. وزيراعظم سنڌ جي لاءِ جسٽس رٽائرڊ صادق ڀٽي، جسٽس رٽائرڊ نور الحق قريشي ۽ عبدالجبار قريشي جا نالا تجويز ڪيا آهن. وزيراعظم عمران خان بلوچستان مان ڊاڪٽر فيض ڪاڪڙ، نويد جان بلوچ ۽ امان الله بلوچ جي نالا تجويز ڪيا آهن. ٻئي پاسي قومي اسيمبلي ۾مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان لاءِ ٽن ميمبرن جا نالا تجويز ڪري سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو آهي. شهباز شريف اسپيڪر کي لکيل خط ۾ سنڌ لاءِ نثار دراني، جسٽس (ر) عبدالرسول ميمڻ ۽ اورنگزيب حق جا نالا تجويز ڪيا آهن، جڏهن ته بلوچستان مان شاهه محمود جتوئي ايڊووڪيٽ، اڳوڻو ايڊووڪيٽ جنرل محمد رئوف عطا ۽ راحيلا دراني جا نالا تجويز ڪيا آهن، مخالف ڌر جي اڳواڻ چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي کي پنج نومبر تي لکيل خط جو جواب موڪليو آهي. خط ۾ شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي عدالتي حڪم جو پورو احترام آهي، لاڳاپيل آئيني شقن کي پورو ڪرڻ لازمي آهي.
13 دفعا ڏٺل