ملڪي خبرون
پرويز مشرف جي حالت خراب، اسپتال داخل
دبئي : اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي طبعيت خراب ٿي وئي آهي، جنهن سبب کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. نجي ٽي وي چينل موجب متحده عرب امارات جي شهر دبئي ۾ رهندڙ اڳوڻو صدرجنرل (ر) پرويز مشرف جي گذريل رات طبعيت بگڙجي وئي، جنهن سبب کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. ذريعن ٻڌايوآهي ته اڳوڻي صدر کي آمريڪن اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ان جون مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون آهن.
8 دفعا ڏٺل