ٽاپ نيوز
ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر جنرل بشير ميمڻ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن استعيفيٰ موڪلي ڇڏي آهي، جنهن ۾ هُن ڄاڻايو آهي ته هاڻي هو وڌيڪ عهدي تي نٿو رهي سگهي، تنهن ڪري استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ھڪ سنڌي اخبار سان ڳالهائيندي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ تصديق ڪئي ته هُن استعيفيٰ ڏني آهي ۽ کيس هٽائڻ وارو فيصلو سُپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ وارين خبرن کي به رد ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته سُپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود وفاقي سرڪار ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ کي عهدي تي برقرار نه رکيو ۽ کيس هٽائي پاناما ڪيس بابت جي آءِ ٽي جي اڳوڻي سربراهه واجد ضياءَ کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. سُپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته اصغر خان ڪيس جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين بشير ميمڻ ڊي جي ايف آءِ اي جي عهدي تي برقرار رهندو.
10 دفعا ڏٺل